اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ريڊيو پاڪستان جي سينئر نيوز ڪاسٽر تسڪين ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ ??عا ڪئي ۽ وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تسڪين ظفر ريڊيو پاڪستان جو اثاثو هئي، ان جي لاڏاڻي تي پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. تسڪين ظفر مرحومه جون ريڊيو پاڪستان لاءِ ??دمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وار??ن کي صبر عطا فرمائي.