اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ??ار چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري جو عمل مڪمل شفاف ٿيندو، سي سي او پي جي سربراهه جي حيثيت سان پڻ شفافي?? کي يقيني بڻائيندس. سينيٽ جي اجلاس ۾ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ترميمي ايڪٽ بل تي سينيٽر علي ظفر جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي اسحاق ??ار چيو ته نجڪاري بابت سمورن حڪومتي اتحادين کي پڻ مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، پاڪستان اسٽيل ملز جي خساري ۾ قوم جا اربين رپيا ضايع ٿي چڪا آهن، ڇا اسان وڌيڪ اهو نقصان برداشت ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پي ٽي سي ايل کي مشرف دور ۾ اتصالا?? کي وڪرو ڪيو ويو، ان وقت ٽي آڇون موصول ٿيون هيون، ان کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت سميت ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ته اهو معاملو نه سلجهايو ويو، اسان ان معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ٽي سي ايل جا ساڍا ٽي سئو مان ڏيڍ سئو اثاثا اڃان به اتصالات جي حوالي ناهن ڪيا ويا. اسان ان??ن کي 150 مان 30 اثاثن تي وٺي آياسين، اتصالات ان??ن اثاثن جي پنهنجي طور تي قيمت لڳرائي آهي، ان تي پراپرٽيز جي 263 ملين ڊالر قيمت لڳرائي وئي جيڪا تمام گهٽ آهي.