اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن اسامه بن ارشد جي ڏکڻ ??زيرستان ۾ شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ??نهنجي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي ملڪ ج?? دفاع لاءِ هر طرح جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر چيو ته قوم ڪيپٽن اسامه جي قرباني کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته دهشتگردن کي سختي سان ??نهن ڏنو ويندو. صدر ش??يد ڪيپٽن اسامه جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي.