اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??ادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه تي تهران ۾ قاتلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ۾ اسماعيل هانيه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ ه?? چيو ته اسماعيل هانيه تي حملو بربريت ۽ جارحيت جو افسوسناڪ مثال ??هي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آ??ادي جي جدوجهد لاءِ اسماعيل هانيه ۽ سندس خاندان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعيل هانيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماعيل هانيه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.