اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ ا??را??يل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بيروت ۾ ا??را??يل جي فوجي جارحيت لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شهري علائقن تي اهو حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان جي امن ۽ سلامتي سان رهڻ ۽ ان جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته خودمختياري رياستن جي اندر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي، اهو انڌاڌنڌ ۽ وڌندڙ ا??را??يلي جارحيت جو هڪ ٻيو مظاهرو آهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل جاري آهي. هن چيو ته خطي ۾ ا??را??يل جون تازه ترين ڪارروايون خطرناڪ آهن جيڪي وچ اوڀر ۾منصفاڻي ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائ?? رهيون آهن، ا??را??يل کي ان جي ڪاررواين جو ??وابده ٿيڻ گهرجي، ا??را??يل جي غيرملڪي ڪاررواين علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته ا??را??يل جي حامين کي گهرجي ته اهي خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي خاتمي جي لاءِ ا??را??يل تي پنهنجو ??ثررسوخ استعمال ڪن. هن چيو ته تهران ۾ حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جو قتل اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو هڪ عمل آهي جنهن سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو ??ظهار ڪريون ٿا، ان جي قاتلن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ا??را??يل آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خلاف دهشتگردي جي مهم شروع ڪري رکي آهي، اسان گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشيءَ جو ??اتمو ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ، ان جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر هجڻ سان گڏ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪري ٿو.