اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائر??ن جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان ??لي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران ??ي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان ??ي قونصلر کي واقعي واري هنڌ ??هچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمي?? کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان ??ه رابطو ڪندو ۽ ميت?? کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان ??ڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ س??ولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان ??و سفير ۽ زاهدان ??و قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان ??ابطي ۾ آهن ته جيئن ميت?? کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخم??ن جي علاج ۾ س??ولت فراهم ڪئي وڃي.