اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئ?? وئي آهي، نجي شعبي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي ا??يڪٽرڪ جي چيئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئ??، جنهن ۾ ڪراچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي فراهمي يقيني بنائڻ، ڪي ا??يڪٽرڪ طرفان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تج??يد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي جي منصوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شيخ، مونس علوي، سي ا?? او عمران قريشي، چيف ريگيوليٽري ا??يئرز عامر غزيني، چيف فنانشل آفيسر ۽ ناڻي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئ??. ڪي ا??يڪٽرڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنريشن مڪس ۾ تج??يد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ناڻي واري وزير کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ ڪي ا??يڪٽرڪ طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جا??ي آهي، ان ۾ ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نجي شعبي مان پيشوراڻي مهارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي ا??گ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ جينڪوز ۾ نجي شعبي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئ?? وئي آهي. هن چيو ته نجي شعبي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ا??لين ترجيح آهي. ناڻي واري وزير ڪي ا??يڪٽرڪ طرفان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ڪمن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن قدمن کي ساراهيو. هن تج??يد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت طرفان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.