اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ?? هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهوريت جي عالمي ڏ??نه?? تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏ??نه?? ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ?? هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايون ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي، ان جمهوري قدرن تي عملدرآمد اسان جي قومي ??رز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏ??نه?? اسان اهڙي عالمي معاشري جي قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو عزم ڪريون جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هي اميد جي ڏيئي سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ترقي جو پيش خيمه ثابت ٿئي.