اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي ??ي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن هتي الواريز اينڊ مارسل جي ??او??ن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي رضا باقر سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اي اينڊ ايم عالمي پيشيوراڻي خدمتون فراهم ڪندڙ ناليواري ڪمپني آهي، پا??ستان حڪومت، پا??ستان ??او??ن ويلٿ فنڊ جي قيام کانپوءِ ان جي فعاليت لاءِ اي اينڊ ايم سان مشاورتي خدمتن جي فراهميءَ جو معاهدو ڪيو هو. ملاقات ۾ رضا باقر ۽ سندس ٽيم پ??هن??ي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها حڪمت عملي پا??ستان ??او??ن ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت ڏنل ذميوارين مطابق ترتيب ڏني وئي آهي. فنڊ جي قيام جو مقصد ملڪ جي مالي استحڪام کي بهتر بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ک?? هٿي ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير اي اينڊ ايم جي خدمتن ۽ رضا باقر جي مهارت کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس مشاورت پا??ستان ک?? درپيش معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.