اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وير احسن اقبال چيو آهي، ته گواد?? ايئرپورٽ ۽ سي پيڪ ٽو سان پاڪستان لاءِ ??وشحالي جون نيون راهون کلنديون. گذريل ڏينهن هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان چين جي مدد سان سي پيڪ ٽو شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته چين جي سهڪار سان ويجهي مستقبل ۾ 5 اقتصادي راهداريون به کوليون وينديون. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن ??اء?? ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ ??اء?? گوادر ۾ ڪارگو حب قائم ڪري سگهجي ٿو. علائقائي رابطن لاءِ ??نگهائي سهڪار تنظيم جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ريل ۽ روڊ جا رابطا وچ ايشيائي رياستن ۽ يورپ سان ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي جي ان حصي ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ ??اء?? گوادر ۽ عمان جي روٽس کي بحال ڪري سگهجي ٿو.