اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23هون اجلاس ميمبر م??ڪن وچ ۾ وسيع ڀائيواري جي عزم سان پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي ??زي??اعظم شهباز شريف روس جي ??زي??اعظم ميخائيل مشوستن کي ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي پاڪستان طرفان ساڻس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ايس سي او سربراهن واري ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيندو. ??زي??اعظم ايس سي او سربراهي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي پڄاڻي واري تقرير ۾ چيو ته اجلاس ۾ ميمبر م??ڪن پنهنجي ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ جٽادار مستقبل لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيان ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي گڏيل چئلينجز کي حل ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي عوام جي گڏيل مفادن، تر??ي ۽ استهڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه ۾ تازي جاري نسل ڪشي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. عالمي برادري کي بربريت روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. غزه ۾ جارحيت هڪ الميو آهي، جنهن تي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ جٽادار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آهي جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي بنياد هجن ۽ جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. تنظيم جي ميمبر م??ڪن جي حڪومتي سربراهن اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي دستاويزن تي صحيحيون ڪيون ويون جنهن ۾ گڏيل پڌرائي ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي فيصلن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مستقل ادارن جي محنت سان ڪم کي يقيني بڻائڻ بابت فيصلا شامل هئا. ان تقريب ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر م??ڪن جي اڳواڻن جن ۾ چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي ??زي??اعظم لي چيانگ، بيلاروس جي ??زي??اعظم رومن گولوو چينڪو، قازقستان جي ??زي??اعظم اولزهاس بيڪوتينوو، روس جي ??زي??اعظم ميخائيل مشوستن، تاجڪ ??زي??اعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ ??زي??اعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي ??زي??ن واري ڪابينه جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، ايران جي واپار واري ??زي?? سيد محمد اتابيڪ ۽ ڀارتي پرڏيهي ??زي?? سبرامنيم جئه شنڪر شرڪت ڪئي. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور سربراهي اجلاس م شرڪت ڪئي جنهن جي نمائندگي ??زي??اعظم اويون اردين لويسنا مسراني ڪئي ۽ ترڪمانستان جي ??زي??ن واري ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد ميريدوف شريڪ هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين معززين ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزائيف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جي چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بينڪ يونين جي چيئرمين مارات ييلي بائيف شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي سمورن قومي ڪو آرڊينيٽرز، ماهرن ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي عملي سميت انتظام ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کين مبارڪون ڏنيون جن دستاويزات ۽ ٻين انتظامن کي هتمي شڪل ڏيڻ ۾ دل و جان سان ڪم ڪيو.