اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئني??مي??ٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران غزه ۽ لبنان جي جنگ سٽي?? عوام جي لاءِ فلاحي بنياد تي امداد جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي کان ٻي امد??دي کيپ لبنان جي لاءِ رواني ڪئي وئي آهي. الخدمت فائونڊيشن جي تعاون سان اين ڊي ايم اي پاران رواني ڪيل ان امد??دي کيپ ۾ دوائون، تيار گوشت، خيمن، فراسين، گرم بسترن، گرم ڪپڙن ۽ خشڪ کير تي ٻڌل اٽڪل 100 ٽن سامان لبنان جي لاءِ روانو ڪيو ويو. امد??دي سامان سڌوسنئون هوائي جهاز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي کان بيروت لبنان جي لاءِ روانو ٿيو. سامان روانگي جي تقريب ۾ اين ڊي ايم اي، پرڏيهي وزارت ۽ الخدمت فائونڊيشن جي نمائندن ۽ مقامي انتظاميا جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي موجود هئي. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ جنگي صورتحال ۽ اتان جي عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي متاثر آب??دي کي امداد فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن مصيبت ۾ گهيريل ڀينرن ڀائرن جي مدد لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن ڪوششن کي وڌائڻ جي لاءِ فلاحي تنظيمن ۽ پاڪستاني عوام جي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان پاران فلسطين ۽ لبنان جي لاءِ امد??دي سامان جي اها ٻارهين کيپ آهي. ان کان اڳ فلسطين جي لاءِ 10 امد??دي کيپون جڏهن ته لبنان جي لاءِ خميس ڏينهن ٻي امد??دي کيپ پهچي وئي. پاڪستان حڪومت لبنان ۽ فلسطين جي جنگ سٽي?? عوام جي ضرورتن موجب امد??دي سامان موڪلڻ جي سلسلي کي جاري رکيو آهي. واضح رهي ته 11 آڪٽوبر 2024ع تي اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ ميٽنگ دوران وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم جي هدايت تي غزه ۽ لبنان جي لاءِ وزيراعظم ريليف فنڊ جي نالي سان هڪ خصوصي اڪائونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو جنهن جي ذريعي عوام پاران عطيو ڪيل امداد گڏ ڪئي ويندي ته جيئن غزه ۽ لبنان جي مشڪل ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي.