اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي حڪومت کي مبارڪن جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان قرارداد پيش ڪئي ته ??ينيٽ اسلام آباد ۾ ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس دوران گهڻ رُخي مصروفيتن ۽ اعليٰ ترين سطح تي غير معمولي ??ور ڪامياب تقريب منعقد ??رڻ تي مبارڪون پيش ڪري ٿي. قرارداد ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي جي اميج لاءِ هڪ نئين تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. قرارداد ۾ اهو به چيو ويو ته ??سان کي يقين آهي ته ??ن تقريب ۾ ٿيل اڳڀرائي پاڪستان جي وڌندڙ جاگرافيائي، معاشي مقام ۽ علائقائي رابطن، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، موسمياتي ۽ سيڪيورٽي جي هدفن ۾ واڌ ۾ ڪردار ادا ڪندي. سينيٽ چيئرمين قرارداد منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان کان اڳ قرارداد جي حوالي سان ڳالهائيندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته ??نگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب منعقد ??رڻ تي مبارڪن جي قرارداد تي پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين صحيحيون ڪيون آهن. هن چيو ته ??ينيٽ پاڪستان حڪومت کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ??رڻ کي ساراهي ٿي جنهن ۾ گهڻ رُخي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ، انفراسٽرڪچر، موسمياتي تبديلي جي هدفن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اهو پرڏيهي معاملن لاءِ انتهائي اهم آهي، اهم سنگ ميل تي وزيراعظم سميت پوري حڪومت مبارڪن جي مستحق آهي. ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ ايڏو وڏو ايونٽ ٿيو آهي، ميمبر ملڪن اعليٰ سطحي وفدن سان گڏ ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، هي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي اعتماد جو مظهر آهي، اهو ملڪ کي مستحڪم ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ منزل سمجهون ٿا، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو ويو، سي پيڪ منصوبي تي دير ختم ۽ اهو منصوبو بحال ٿي چڪو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ??يس سي او سربراهي اجلاس دوران مخالف ڌُر جو ڪردار هاڪاري رهيو ۽ پُرامن ماحول ۾ اهو اجلاس پڄاڻيءَ تي پهتو. ايمل ولي خان چيو ته ??يس سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ کي اجاگر ڪيو ويو.