اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آهي، وفاق سم??رن صوبن کي هر ممڪن سپورٽ ۽ سهولت فراهم ڪندو، اي پي ايس واقعي کانپوءِ ??يشنل ايڪشن پلان تيار ڪيو ??يو جنهن تحت دهشتگردي جو خاتمو ٿيو ??وءِ ??ڪ حڪومت اهڙي آئي جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو، طالبان کي واپس آڻي رهايو، اڄ ان جو ڪيِتو اسان ڀوڳي رهيا آهيون، دهشتگرد ڪڏهن خيبرپختونخواهه ۽ ڪڏهن بلوچستان ۾ حملا ڪن ٿا، دڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، بيگناهه مزدورن کي شهيد ڪيو ??يو، ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جي لاءِ ??وليس جي تربيت ڪئي وئي ۽ انهن کي گهربل شيون فراهم ڪيون ويون، باني چيئرمين پي ٽي آءِ چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي روايت وڌي، اسان ڪڏهن به سياسي مخالفت کي سياسي دشمني ۾ نه بدلايو، جڏهن باني پي ٽي آءِ اسٽيج تان ڪِريو ته نواز شريف پنهنجي چونڊ مهم ملتوي ڪئي ۽ سندس تيمارداري جي لاءِ ??يو، باني پي ٽي آءِ ??فرت جا جيڪي ٻج پوکيا اڄ ان جي فصل ڪاٽي رهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صوبن ۾ امن امان جا معاملا 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتن کي منتقل ٿي چڪا آهن، وفاقي حڪومت دهشتگردي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان صوبائي حڪومتن کي هڪ فورم تي گڏ ڪيو. هن چيو ته سرحدن تي اسمگلنگ، دهشتگردي، وڏن گروهن جهڙن معاملن جي حل جي لاءِ ??يشنل ايڪشن پلان جوڙيو ??يو. هن چيو ته اي پي ايس کانپوءِ ??يشنل ايڪشن پلان جو بنياد رکيو ??يو، اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو ??يو، اي پي ايس جي معاملي تي پوري قوم هڪ پيج تي گڏ هئي، وفاق ان وقت چيو ته وفاق وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته 18هين ترميم جي باوجود امن امان جي ڳنڀير مسئلن تي قومي پاليسي ٺاهڻ ۾ گڏجي ويهي ڳالهه ڪئي وئي، نيشنل ايڪشن پلان جي ميٽنگز ۾ وزيراعظم پاڻ ڪيترائي ڀيرا ڪراچي ويو، ڪراچي جون روشنيون بحال ٿيون، امان بحال ٿيو. هن چيو ته 2013ع ۾ هر ٻئي ڏينهن دهشتگردن جا حملا ٿيندا هئا، آءِ اي ڊيز جي ذريعي حملا ڪيا ويندا هئا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??يشنل ايڪشن پلان ۾ عالمن ۽ ميڊيا کي گڏ ڪيو ??يو، نفرت انگيز تقريرن تي پابندي هنئي وئي، اتحاد بين المسلمين ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سم??رن مڪتبه فڪر جي عالمن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سم??رين ڌرين جي تعاون سان نيشنل ايڪشن پلان تي ڪاميابي سان عملدرآمد ٿيو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ??يو. هن چيو ته ان کانپوءِ ??ڪ اهڙي حڪومت آئي جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو ۽ دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو. ان جي ان قدم جي ڪري اڄ اسان لاش کڻي رهيا آهيون، روزانو اسان جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن. اهو بگاڙ ڪنهن ۽ ڪڏهن پيدا ڪيو؟ ان وقت جي وزيراعظم دهشتگردن کي واپس آڻي رهائڻ وقت اهو نه ڏٺو ته نيشنل ايڪشن پلان موجود آهي، ان نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاق ۽ صوبن گڏجي قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي.اڄ اهي دهشتگرد بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حملا ڪن ٿا. هن چيو ته علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪن مان 16 ڪلاڪ سياسي سرگرمين تي لڳائي ٿو پر امن امان جي حوالي سان سندس ڪو ڌيان نه آهي. ڪنهن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان تي ڌيان نه ڏنو ته اتي سيف سٽي منصوبو لڳي سگهي. هن چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيف سٽي جو ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، لاهور ۾ اسان جو سينيئر آفيسر ڪيپٽن مبين شهيد ٿيو، هن گهڻي سدروس ڪوئيٽا ۾ ڪئي هئي، سيف سٽي ڪئميرائن جي ڪري اسان ڏوهاري ٽريڪ ڪيا، انهن افغان شهرين تائين پهتاسين جن کيس شهيد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي هئي ۽ انهن کي سزا ڏياري، قصور ۾ زينب قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهاري کي ڦاهي ٿي. هن چيو ته دڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، دڪي واقع ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهه مزدور هئا، سرفراز بگٽي قابل وڏو وزير آهي، مٿس مڪمل اعتماد آهي، سيڪيورٽي ايجنسين سان گڏجي هو دهشتگردي جهڙن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به امن قائم ڪيو آهي، هاڻي به ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو ڪريڊٽ صدر آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، اهو سندس ويزن هو، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا، امن امان ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ صوبن کي فنڊز ملن ٿا. هن چيو ته 2018ع کان 2022ع تائين نيشنل ايڪشن پلان تي ڪو اجلاس نه ٿيو، دهشتگردي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ان دور جي حڪومت جي ترجيحن ۾ نه هو. سياسي مخالفت جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي سيکاريو ??يو ??و ته سياسي مخالف سياسي دشمن ناهي هوندو، اسان کي سيکاريو ??يو ??و ته جڏهن مخالف ڪِرين تان ڪريو ته سندس اسپتال وڃي تيمارداري ڪئي وڃي ٿي، نواز شريف 2013ع ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي ڪِرين تان ڪري زخمي ٿيڻ تي پاڻ اسپتال وڃي تيمارداري ڪئي، 2013ع جي اليڪشن کانپوءِ ??اڻ هلي بني گالا ويو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اها وقت جي ڌارا آهي، ڪالهه توهان هتي ويٺا هئا اڄ اسان ويٺا آهيون، سڀاڻي ڪو ٻيو ??يٺو هوندو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ اسان جي سياسي روايتن کي زهريلو ڪيو. سندس دور ۾ فريال ٽالپر کي چنڊ رات تي اسپتال کان جيل موڪليوويو، مريم نواز کي ڪوڙن ڪيسن ۾ والد جي سامهون گرفتار ڪيو ??يو، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ جي روايت باني چيئرمين پي ٽي آءِ ??ڌي. هن چيو ته نواز شريف جي والده لاڏاڻو ڪري وئي هئي ۽ جج کي آرڊر هو ته جرح مڪمل ڪرڻي آهي. جهانگير ترين ۽ عليم خان جي خاندانن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، شهباز شريف جي ڌيئرن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ??يو. هن چيو ته باني چيئرمين سياست کي آلوده ڪيو ۽ نفرت ڦهلائي، هن نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا اڄ ان جي فصل ڪاٽي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي پر وفاق ڀرپور تعاون جي لاءِ تيار آهي، ڪچي جو مسئلو رڳو سنڌ جو مسئلو نه آهي، اهو پنجاب ۾ به آهي، ڪچي جي آپريشن ۾ پوليس کي موڪليو ??يو، پوليس کي بوٽس فراهم ڪيون ويون، درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي ميٽنگز ۾ چار ئي صوبائي وڏا وزير شرڪت ڪن ٿا، وفاق جو امن امان تي ڀرپور ڌيان آهي، صوبائي حڪومتن کي نه رڳو سپورٽ پر هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين.