اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ايشيا پيسفڪ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر (اي پي اين آءِ سي) سنگاپور جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جيا رونگ لوني ڪالهه سندس آفيس ۾ مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٽيليڪام آپريٽرز جي سگهه وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان پڻ موجود هو. ڪالهه آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب سي اي او، مملڪتي وزير کي اي پي اين آءِ سي ورڪنگ جي حوالي کان آگاهه ڪيو . هن چيو ته اي پي اين آءِ سي پاڪستان ۾ ٽيليڪام آپريٽرز لاءِ نيٽ ورڪنگ جي حوالي سان ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته ٽيليڪام آپريٽرز جي سگهه وڌائڻ لاءِ فني تربيت تمام اهم آهي. مل??قات ۾ ٽيليڪام آپريٽرز جي تربيت لاءِ هڪ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مل??قات ۾ ٽيليڪام واري وزارت جو ميمبر محمد جهانزيب رحيم پڻ موجود هو. ان دوران مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه جرمنيءَ ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سان مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ لاڳاپن ۽ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپنين جي جرمني ۾ سهولتڪاريءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. مل??قات ۾ انٽرنيشنل ڪوآرڊينيشن جو ميمبر عماد ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل سيد جواد عل?? شيرازي پڻ موجود هئا.