اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو اسڪول جي ٻارن تي ??مل?? بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشم??ي جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙي ??زدلاڻي ??مل?? سان اسان جا قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ ٽن ٻارن ۽ هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. وزيراعظم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو ??مل?? بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشم??ي جو ثبوت آهي. دهشتگرد اهڙي ??زدلاڻي ??مل?? سان اسان جي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. اهڙا حملا حڪ??مت جي بلوچستان ۾ تعليم ج?? ترقي جي فروغ جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ان لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.