اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو و??ير محسن نقوي چيني سفارتخاني ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ ھن ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني شھرين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ زخمي چيني شھرين ۽ سندن گھرڀاتين سان دلي ھمدرد?? جو اظھار ڪيو. گھرو و??ير محسن نقوي واقعي جي تفصيلن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت چيني سفير کي آگاهه ڪيو. گھرو و??ارت جي ترجمان مطابق گھرو و??ير محسن نقوي چين جي سفير، چيني حڪومت ۽ زخمي چيني شھرين جي گھرڀاتين سان مڪمل يڪجھت?? جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آھي. سندس چوڻ آھي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي جامع ڪرڻ جي چيني تصور سان پوري طرح متفق آھيون، چيني شھرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اسان جي پھرين ترجيح آھي. گھرو و??ير محسن نقوي چيو ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني ??ڻا??و پيو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط پڻ بڻائي رھيا آھيون ته جيئن چيني شھرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائي سگھون. گھرو و??ير چيو ته اسان ڪراچي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارينداسين، پاڪستان ۽ چين مضبوط ۽ پائيدار شراڪتدار آھن. ملاقات دوران ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عمل?? جوڙڻ تي اتفاق ٿيو. چيني سفير چيو ته گڏيل ڪوششن سبب پاڪ چين دوستي مسلسل بلندي ڏانھن وڃي رھي آھي ۽ عملي سھڪار ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آھي، ان روشني ۾ ھڪ محفوظ ۽ مستحڪم سھڪار جو ماحول انتھائي اھم آھي. ھن چيو ته چين ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تيار آھي. چيني سفير چين جي وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي موقعي تي شاندار انتظامن تي گھرو و??ير محسن نقو?? جو شڪريو ادا ڪيو. چيني سفير صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صحت بابت پڻ پڇيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. چيني سفير ٻڌايو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر کي خط لکي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو آھي. وفاقي گھرو سيڪريٽري ۽ چيني سفارتخاني جا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود ھئا.