اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين ??اري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان ن??ير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ خاص طور تي واپار، س??ڙپ??اري ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزيب، عرفان ن??ير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ت??ڪيه جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سڌارن جي حوالي سان ت??ڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير ترڪيه جي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ??ين??ا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.