اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پاڪس??ان ۽ ترڪيه گهري مذهبي ??شتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پاڪس??ان جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پاڪس??ان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪس??ان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگ??دي??َ جو خاتمو هن وقت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.