اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب سڄي دنيا ۾ 1.2 ارب ماڻهن جي زندگي ۽ زندگي جي معيا?? تي اثر پئجي سگهن ٿا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان موسمياتي تبديلين ۽ ان کي منه?? ڏيڻ جي موضوع تي جاري ڪيل تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سخت گرمي جي لهرن، ٻوڏ، طوفان ۽ ڏڪار جهڙن موسمياتي عملن سبب سڄي دنيا ۾ 1.2 ارب ماڻهن جي زندگي ۽ زندگي جي معيا?? تي اثر پئجي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بهتر تحفظ لاءِ تيز ۽ بهتر ترقي ۽ موسمياتي موافقت جي اسمن کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اقتصادي ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب لچڪ پيدا ڪرڻ جي عمل جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. في ڪس جي ڊي پي ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ لڳ ڀڳ 100 ملين گهٽجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته هر ملڪ جي مخصوص صورتحال مطابق پاليسين کي تيار ڪرڻ ضروري آهي. وڌيڪ آمدني رکندڙ ملڪن کي پنهنجي موجوده بنيادي ڍانچي جي جديد ڪاري تي ڌيا?? ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جتي اڪثر بنيادي ڍانچو هاڻ تعمير ٿي رهيو آهي، انهن کي ان ڍانچي کي پائيدار طريقي سان تعمير ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.