اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? وزيراعظم جو پا??اما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي، وزيراعظم ۽ شريف خاندان سدائين عدليه ۽ عدليه جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف پا??اما ليڪس ۾ نالو نه هجڻ جي باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن پا??اما ليڪس آئي ت?? وزيراعظم محمد نواز شريف سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ته پا??اما ليڪس تي ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٽيون ڀي??و عوام جي مينڊيٽ ??ٺي وزيراعظم بڻيو آهي اه?? شروع ڏينهن کان ئي هي چاهي ٿو ته پا??اما ليڪس جو جلد آئيني طريقي سان حل نڪري. هن چيو ته اسان جا مخالف جيڪي پهرين ڌرڻا، احتجاج، ڪوڙا الزام ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺي سياست ڪري رهيا هئا پا??اما ليڪس کي سياسي حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.