اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پر??يه?? آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پر??يه?? وزارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياسي مشاورت کان??وء?? ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پ??ڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪاري پ??رٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پ??ڪستان حڪومت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئو??سل بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪ??ئو??سل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.