اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطن بابت ڪميٽي ناڻي واري وزارت جي تجويز تي اسٽ??ٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني لميٽيد (ايڇ بي ايف سي ايل) ۾ پنهنجا شيئرز وڪرو ڪرڻ جي اجازت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن سوئي سدرن گئس ڪمپ??ي جي رهتن، گئس بلن جي ادائيگي جي مد ۾ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطن واري ڪميٽي جو اجلاس و??يراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.