اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، انهن جي حوصلا افزائي نئين پاڪستان جو ??يز?? آهي، اسٽارٽ اپس پروگرام نوجوانن جي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهي، جن معاشرن ۾ نئين تصورن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي اهي ئي ترقي ڪن ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي ذهني آزادي ڏيڻي آهي، موجوده حڪومت انهن کي مڪمل تعاون ۽ سرپرستي مهيا ڪندي، اسان پاڪستان کي اهو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جيڪو 60ع جي ??ها??ي ۾ بڻجڻ وڃي رهيو ??و، انشاءَ الله پاڪستان پوري خطي جي قيادت ڪندو. هو انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي اهتمام هيٺ اڪنائٽ جي نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز اسٽارٽ اپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.