اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ، اولين ترجيح طور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رليف پيڪيج ۾ صوبائي حڪومتن جي تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪرونا وائرس بابت نيشنل ??ما??ڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وفاق جي نمائندن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي م??دود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاق?? وزير اسد عمر، مذهبي م??املن واري وفاق?? وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، صحت بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.