اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ڪرونا وائرس رليف فنڊ ۽ ٽائيگرز فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ٿيو ته غريب طبقو گهڻو متاث?? ٿيندو، چين جهڙيون معاشي حالتون هجن ها ته پورو ملڪ بند ڪري ڇڏ??ان ها، ملازمن کي بيروزگار نه ڪندڙ صنعتن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، اسان وسيلن ۾ رهندي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪا??روائي ڪئي ويندي، ڪرونا جي خلاف جنگ هڪ قوم بڻجي کٽي سگهون ٿا، اها بيماري پوڙهن ۽ بيمارن ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿي، ڊفنس ۽ اسلام اباد جا سيڪٽر بند ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرونا وائرس جڏهن چين جي صوبي ووهان مان شروع ٿيو ته چين فوري طور تي 2 ڪروڙ ماڻهن کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏ??و ۽ ڪنهن کي به نڪرڻ نه ڏنو ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن ان بيماري تي ضآبطو آندو ته چين آندو، هن چيو ته اسان جي معاشي حالت اهڙي ناهي جو اسان ائين ڪريون.