اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ بلدياتي ادارن جي مضبوطي ضروري آهي، بلدياتي ادارا عوام کي بنيادي سهولتن ۽ فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي جي علا??قن ۾ رهندڙ آهي ان لاءِ ملڪي ترقي ??اءِ ضروري آهي ته ٻهراڙي جي علا??قن جي ترقي ??اءِ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير جي بلدياتي ۽ ٻهراڙي جي ترقي بابت خاص مددگار ڪامران خان بنگش سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.