اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش م??ئل?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪ??و. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين ??ي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي تي ??اص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊ??ٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪ??و جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورونا وبا کان ??اص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ ??اص قدمن جي ضرورت آهي.