اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي ت??ديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل و??اقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل طور تي حڪمت عم??ي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ فلڊز جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو وزير مراد سعيد، آبي وسيلن وارو وزير محمد فيصل واوڊا، اين ڊي ايم اي ??يئ??مين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، اين ايڇ اي ??يئ??مين، فلڊ ڪميشن جو ??يئ??مين، ڊي جي ميٽرو لوجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا، صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.