اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ??لڪ ۾ موجود طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قومي تعليمي پالي??ي سان تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي بااختيار بڻائڻ جا برابر موقعا فراهم ٿيندا، نئين نسل کي خاتم النبين صه جي حيات م??ار??ه ۽ سنت بابت مڪمل آگاهي هجڻ گهرجي ڇو ته حضرت محمد صه ئ?? اسان جو رول ماڊل آهي ۽ ان جي سنت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هو قومي هڪ جهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.